اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پاڪستان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي هُن پار نام نهاد ”لانچ پيڊز“ ۽ ”ٽرننگ“ ڪيمپن جي موجودگ?? بابت ڀارت?? آرمي چيف جي ڪوڙن تبصرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ڀارتي ??نرل جي بي بنياد الزامن ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه آهي ڇو ته اهو پاڪستان ??ي خلاف پروپيگنڊا جو هڪ حصو آهي جيڪو ڀارت ۾ بي جي پي ۽ آر ايس ايس ڳٺ جوڙ جي ذريعي هلايو پيو وڃي. ڀارتي ??ڪومت پنهنجي ويڙهاڪ ۽ توسيع پسنداڻي ايجنڊا ”اکنڊڀارت“ جي گمراهه ڪن تصور تي ??مل پيرا آهي، جيڪو علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي، ترجمان چيو ته ڀارت?? آرمي چيف هندستان ??ي رياستي ??هشتگردي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تان ??المي ڌيان هٽائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي جاري آهي. پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي والاريل ڪشمير ۾ پنهنجا ظلم ۽ ستم کي روڪي ، ڪشميرن تي ??لم ۽ ستم کي ترڪ ڪري ۽ کين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت ۽ ان ??ي ڪيل واعدن موجب حق خوداراديت کي استعمال ڪرڻ جو حق ڏي، ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورا ح?? طلب تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڀارت سان ??امعنيٰ ڳالهين جي لاءِ پرعزم آهيون، تنهن هوندي به اها ذميداري ڀارت تي ??هي ته هو ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.