اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل ق??من پاران اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي ??زيرن جي ڪائونس?? جي خصوصي اجلاس ۾ کنيل قدمن تي عمل ڪندي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ امداد جي اپي?? جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل ق??من پاران جاري ڪيل خبر جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون عالمي برادري کان افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ امداد جي اپيل ڪري رهيو آهيان جتي ماڻهو 40 سالن جي تڪرارن جي ڪري شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، واضح رهي ته گڏيل ق??من افغانستان لاءِ 2022ع ۾ پنج ارب ڊالر جي امداد جي اپيل ڪئي آهي جيڪا ڪ??هن به هڪ مل?? لاءِ انساني بحران روڪڻ لاءِ سڀ کان وڏي اپيل آهي، گڏيل ق??من پاران ٻڌايو ويو ته 4 ارب 40 ڪروڙ ڊالر افغانستان جي اندر جڏهن ته 62 ڪروڙ 30 لک ڊالر افغانستان کان ٻاهر رهندڙن لاءِ گهربل آهن، افغانستان جي اڌ آبادي کي هن وقت بک کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.