اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪ??ي آهي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن جي خلاف قانوني ڪارروائي ??مل ۾ آندي وڃي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ هروڀرو آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم جي صدارت هيٺ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اينڊ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي باري ۾ جائزه اجلاس ٿيو، ان م????عي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور ۽ ملڪ جي مستقبل جي لاءِ اهم آهي. منصوبن ۾ ماحول د??ست مٽيريل جو استعمال ڪيو وڃي، گرين اربنائزيشن ماڊل ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته ترقياتي منصوبا شهرين جي سهولت ۽ معاشي ترقي لاءِ شروع ڪيا آهن، حڪومت غير فعال اثاثن کي سيڙپڪاري جي قابل بڻائي رهي آهي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ بناجواز آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين خلاف قانوني ڪارروائي ??مل ۾ آندي وڃي، ان م????عي تي اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ سئو ارب روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي.