اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪ??مت ۽ اطلاعات واري وزارت ورڪنگ ج??نل??ٽس جي پويان بيٺل آهي، پروٽيڪشن آف ج??نل??ٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي منظوري کانپوءِ حڪ??مت ۽ ميڊيا هائوسز جي ذميوارين ۾ اضافو ٿيو آهي، اڳوڻي حڪ??متي دور ۾ من پسند صحافين ۽ ڪجهه ميڊيا گروپس کي نوازيو ويو جنهن جو اعتراف مريم نواز پن??نجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪر?? چڪي آهي، ڪنهن پرائيويٽ ماڻهو پاران سرڪاري وسيلن ۽ اختيارن جو استعمال غير قانوني آهي. اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف ج??نل??ٽس جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته پروٽيڪشن آف ج??نل??ٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي تياري ۾ صحافتي تنظيمن سميت سمورن صحافتي گروپن سان مشاورت ڪئي وئي، هن چيو ته ماضي ۾ صحافين کي مافياز جي هٿان قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعن کي منهن ڏيڻو پوندو هو، ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي منظوري کانپوءِ هاڻي حڪ??مت ۽ ميڊيا هائوسز جي ذميدارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ضرورت آهي، صحافين کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ڪا به خبر حقيقي تناظر ۾ ڏني وڃي. هن ان تاثر کي رد ڪيو ته پاڪستان ۾ پريس کي آزادي حاصل نه آهي، اسان پن??نجي ميڊيا جي آزادي جي ڀيٽ فرسٽ ورلڊ سان ڪندا آهيون جڏهن ته حقيقت ۾ اسان وٽ ميڊيا کي فرسٽ ورلڊ کان به وڌيڪ آزادي حاصل آهي، هن چيو ته اڳوڻي حڪ??متي دور ۾ من پسند صحافين ۽ ڪجهه ميڊيا گروپس کي نوازيو ويو جنهن جو اعتراف مريم نواز پن??نجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪر?? چڪي آهي، ڪنهن پرائيويٽ شخص پاران سرڪاري رقم ۽ اختيارن جو استعمال غير قانوني آهي، حڪ??مت ان ڏس ۾ جاچ ڪر?? رپورٽ عوام جي سامهون پيش ڪندي، ان موقعي تي راولپنڊي اسلام آٻاد يونين آف ج??نل??ٽس (آر آءِ يو جي) ورڪنگ ج??نل??ٽس جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پروٽيڪشن آف ج??نل??ٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع منظور ڪرائڻ تي حڪ??مت خاص طور تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري جي ڪوششن کي ساراهيو. آر آءِ يو جي اڳوڻي حڪ??مت دور ۾ من پسند صحافين ۽ مخصوص ميڊيا هائوسز کي نوازڻ جي حوالي سان مريم نواز جي اعتراف ۽ قدمن جي مذمت ڪئي. وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي صحافين کي درپيش مسئلن کان به آگاهه ڪيو، وفاقي وزير انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ هر ممڪن حل جي خاطري ڪرائي. آر آءِ يو جي جي وفد جي قيادت آل پاڪستان نيوز پيپرز ايمپلائيز ڪنفيڊريشن (ايپنڪ) لوڪل جي چيئرمين ۽ آر آءِ يو جي جي جنرل سيڪريٽري محمد صديق انظر ڪئي جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ آر آءِ يو جي جي وقت صدر رانا رضوان، عثمان خان، فرحت فاطمه ۽ ميڊيا ورڪرز آرگنائيزيشن جي صدر ڪليم شميم سميت ٻين تنظيمن جا عهديدار به شامل هئا.