اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته ملڪ ۾ ضروري شين جو ذخيرو وافر مقدار ۾ موجود آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هلندڙ سال وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي هن وقت تا??ين سڀ کان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ضروري کاڌي پيتي جي شين جي پيداوار وڌائڻ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پرائيم منسٽر ايگريڪلچر ايمرجنسي پروگرام تحت 277 ارب رپيا رکيا آهن. حڪومت ڀاڻ، ٻج ۽ ڪيڙي مار دوائن جي مد ۾ 50 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي آهي. هن زرعي شعبي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڪسان ڪارڊ ۽ بئنڪ جي مارڪ اپ ۾ گهٽتائيءَ جهڙا قدم کنيا آهن ته جي??ن مختلف ضروري شين جي پيداوار ۾ واڌ ڪري سگهجي. هن ٻُڌايو ته ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي هلندڙ سال سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته ڪمند جي پيداوار جو ڪاٿو 87.67 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال کان 8 سيڪڙو وڌيڪ آ??ي. چانورن جي پيداوار جو ڳ??ڻيٽو 8.84 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال کان 5 سيڪڙو وڌيڪ آ??ي. مڪئي جي پيداوار جو ڳ??ڻيٽو 9 ملين ٽن، مڱيرا 268 هزار ٽن آهي، جيڪو گذريل سال ج?? مقابلي ۾ ترتيبوار 27 ۽ 31 سيڪڙو وڌيڪ آ??ي. بصر جي پيداوار هن وقت تا??ين سڀ کان وڌيڪ 2.4 ملين ٽن حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته حڪومت ضروري شين جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اعليٰ سطحي نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ته جي??ن قيمتون مستحڪم رهن.