اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪامياب پاڪست??ن پروگرام جي افتتاح جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن 4 آڪٽوبر 2021ع تي ڪامياب پاڪست??ن پروگرام جو افتتاح ڪندو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪامياب پاڪست??ن پنهنجي نوعيت جو منفرد پروگرام آهي جنهن تحت 37 لک خاندانن کي 14 سئو ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا. هن چيو ته ڪامياب پاڪست??ن پروگرام ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهو پروگرام معاشري جي محروم طبقن جون زندگيون بدلائڻ ۽ انهن کي مالي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي لاءِ جوڙيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته اهو پروگرام يقيني طور تي پاڪستان ۾ پنهنجي طرز جو پهريون پروگرام آهي جنهن تحت مائيڪرو فنانس ادارن جي ذريعي بئنڪن ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪامياب پاڪست??ن پروگرام غريب ۽ ڪمزور طبقن جي حوالي سان رياست جي احساس جي ذميواري جي عملي تعبير آهي. هن چيو ته ڪامياب پاڪست??ن پروگرام جا 5 عنصر آهن. جن ۾ ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض جي فراهمي کانسواءِ ڪاروبار جي لاءِ 5 لک تائين بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا. اهڙي طرح سستو گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر ٺاهڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت حاصل ٿيندي جڏهن ته پروگرام تحت وفاقي حڪومت جي اسڪلڊ بيسڊ اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي پڻ ڪامياب پاڪست??ن پروگرام سان ڳنڍيو ويندو.