فيصل آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فيصل آباد ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪاسي جا ڪيترائي ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا جنهن کانپوءِ شهرين کي نيڪاسي ۽ واٽر سپلائي جون وڌيڪ معياري ۽ بهترين سروسز ميسز اچي وينديون. واسا هيڊ آفيس ۾ ايف ڊي اي جي چيئرمين ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر لطيف نذر، ايم ڊي واسا جبار انور ۽ ٻين آفيسرن سا?? گڏجاڻي ڪن??ي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار جي ويزن موجب شهرين کي سيوريج جي سهولتن ۽ صاف پاڻي جي فراهمي اولين ترجيح آهي جنهن لاءِ پنجاب جي وڏي وزير جي پيڪيج تحت جاري ڪيل فنڊن مان ترقياتي اسڪيمن تي تعيمراتي ڪم تيزي سا?? مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته نئين اسڪيمن جا ورڪ آرڊرز جلد جاري ڪيا ويندا. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته وارث پوره، برڪت پوره، دائود نگر، چمن زار، ابن مريم ڪالوني، خوشحال ??ائ??ن، الحسن ??ائ??ن، ملکانواله روڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سيوريج لائينن، واٽر سپلائي جي مرمت ۽ تبديلي جي ترقياتي اسڪيمن کي به جلد مڪمل ڪيو ويندو، ايف ڊي اي جي چيئرمين لطيف نذر چيو ته ايف ڊي اي ۽ واسا گڏيل طور تي شهرين کي سيوريج ۽ پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ منظور ٿيل ترقياتي اسڪيمن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو ته جئين عوام جا مسئلا جلد کان جلد حل ٿي سگهن. واسا جي ايم ڊي جبار انور چيو ته واسا محدود وسيلن ۾ سيوريج جي معياري سروسز فراهم ڪري رهيو آهي تنهن هوندي به قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي مشاورت سا?? ترقياتي اسڪيمن کي تيزي سا?? مڪمل ڪيو ويندو جنهن سا?? شهر ۾ سيوريج جي پاڻي جي نيڪاسي ۽ واٽر سپلائي ۾ وڌيڪ بهتري ممڪن ٿيندي. هن اپيل ڪئي ته آلودگي ۽ بدبوءَ کان پ??ڪ ماحول لاءِ سيوريج سسٽم ۾ گند ڪچرو نه اڇليو وڃي، هن سيوريج جي نظام کي بحال رکڻ ۾ عوامي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو.