اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪن??و. 10 ارب سونامي منصوبي تحت ??ون سون ۾ وڻڪاري جي لاءِ وزيراعظم دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪرڻ جي لاءِ لاهور جو دورو ڪن??و. اهو فاريسٽ 100 ڪي??ال تي ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هڪ لک 65 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا جيڪي منفرد مياواڪي ٽيڪنالاجي سان معمول جي وڻن جي مقابلي ۾ 10 ڀيرا جلد وڏا ??ين??ڙ ٻوٽا آهن. شهري ٻيلا تيزي سان پوکڻ جي لاءِ مخصوص زمين جي تياري سان گڏوگڏ مختلف قس??ن کي مختلف واڌويجهه جي شرح سان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. لاهور جي مختلف حصن ۾ مياواڪي جي 53 ٻيلن جي نشاندهي مختلف جاين تي ڪئي وئي آهي جنهن سان ڪاربن ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ شهري آلودگي ۾ گهٽتائي آڻي سگهبي. وزيراعظم عمران خان لاهور جي آلودگي کان پاڪ ۽ باغن جي شهر جي تجديد ۽ بحالي جي لاءِ پرعزم آهي. موجوده ??ون سون دوران سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي وڻڪاري آهي.