اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ايران جي صدر جي حلف برداري تق??يب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ اربع ڏينهن ايران روانو ٿيندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين خصوصي جهاز مشهد پهچندو. محمد صادق سنجراڻي روزه حضرت امام رضا جي مزار تي حاضري به ڏيندو. سينيٽ چيئرمين ايران جي صدر جي حلف برداري تق??يب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم پاڪستان عمران ??ان پاڪستان جي نمائندگي لاءِ سينيٽ چيئرمين کي نامزد ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين جُون ايران جي صدر سميت ٻين اعليٰ سياسي اڳواڻن سان اعليٰ سطح?? ملاقاتون متوق?? آهن، 5 آگسٽ تي سينيٽ چيئرمين ايران کان واپس وطن ايندو.