اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان معصوم ۽ هٿين خالي فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي تدارڪ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو جن ٻن هفتن کان بهادري سان اسرائيلي قابض فوج جي بنا اشتعال بمباري ۽ گولاباري کي مسلسل منهن ڏنو. وز??راعظم جي اپيل تي سڄي ملڪ ۾ ملهايل فلسطين سان يڪجهتي واري ڏينهن جي موقعي تي غير ملڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وز??ر چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ پاڪستان موثر انداز ۾ هڪ مضبوط موقف اختيار ڪيو، دوست ملڪن جي حمايت حاصل ڪئي ۽ فلسطينن جي حالت تي حقيقي جذبن جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ان ڪوششن جا گهربل نتيجا حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سيز فائز جي صو??ت ۾ سامهون آيا آهن، جيڪي فلسطين جي عوام جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ ان جي دوست ملڪن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، هن چيو ته اسرائيلي فوج جي جارحيت تي پاڪستان جو رد عمل واضح هو جيڪو فوري طور تي عالمي برادري تي پهتو، جن??ن ۾ زور ڏنو ويو ته فلسطينن جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي، ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته وز??راعظم عمران خان سعودي عرب ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي، سعودي فرمانروا ۽ فلسطين ۽ ترڪي جي صدرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي به فلسطين جي صو??تحال تي سعودي عرب، مصر، فلسطين، ترڪي، افغانستان، چين، آمريڪا ۽ سوڊان جي پنهنجي هم منصبن سان رابطو ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وز??رن جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ فلسطين جو معاملو پيش ڪيو جن??ن ۾ اسرائيل جي وحشياڻن حملن ۽ منظوم ڏوهن جي مذمت لاءِ سخت بيان جاري ڪيو، وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي اسرائيلي بربريت جي خلاف هڪ متفقه قرارداد منظور ڪئي جن??ن ۾ فلسطينن جي ڪاز ۽ ان جي عوام جي جدوجهد جي حمايت جو اظهار ڪيو، هن چيو ته معصوم فلسطينن تي اسرائيلي جارحيت ۽ خاص طور تي رمضان دوران دنيا ۾ مسلمانن جي مقدس مقام مسجد الاقصيٰ جو گهيراءُ انتهائي مذمت جوڳو آهي، هن چيو ته اسرائيل پاران فلسطيني ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪرڻ تي افسوس آهي، هن چيو ته اهڙا حملا انساني قدرن، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف آهن.