اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان امن جي بحالي، تڪرارن کان بچاءَ ۽ پائيدار ترقي وارا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻ قومي س??ڪار لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي س??ڪريٽري جنرل جي امن فنڊ جي لاءِ اعليٰ سطحي ريپلينشمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل جي امن قائم ڪرڻ جي فنڊ ۾ 25 هزار ڊ??لر عطئي جو اعلان ڪندي چيو ته اهو عزم گڏيل قومن جي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ وارين ڪوششن لاءِ اسان جي س??اسي، افرادي ۽ مالي مدد جاري رکڻ واري ارادي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته گهڻي ڀاڱي اُسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستان ڪورونا وائرس وبا سبب سخ?? متاثر ٿيو آهي جنهن سبب اسان جو عوامي صحت وارو نظام دٻاءُ جو شڪار ٿيو، اسان جي معيشت متاثر ٿي ۽ مالي صلاحيتن ۾ گهٽتائي ٿي.