اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽ?? شبلي فراز چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي غيور عوام پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي جو بائيڪاٽ ڪري ثابت ڪيو ته اهي سياسي بصيرت رکندڙ باشعور ماڻهو آهن جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، عدالتي حڪم اچڻ جي باوجود مخال?? ڌر جو جلسن تي اصرار انهن جي عوام دشمني جي عڪاسي آهي. پي ڊي ايم جلسي تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام وزيراعظم عمران خان جي اپيل تي نه رڳو پاڻ کي ڪورونا کان محفوظ رکيو ??ر پي ڊي ايم جي عوام دشمن ايجنڊا کي پڻ ناڪام بڻائي ڇڏيو، جلسي ۾ ماڻهن جي گهٽ دلچسپي ۽ شرڪت خيبرپختونخواهه جي عوام جو مخال?? ڌر تي عدم اعتماد جو واضح اظهار آهي.