اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته 8 فيبروري جي چونڊن جي ڪوريج ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جي ل??ءِ 14 ملڪن مان ميڊيا جا نمائندا ۽ مبصر پاڪستان پهچندا، 49 غيرملڪي صحافين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا آهن، 32 درخواستن تي ڪم جاري آهي، پاڪستان ۾ موجود غيرملڪي ميڊيا هائوسز جي نمائندن ??ي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ درخواستون ملي چڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت پاران غيرملڪي مبصرن ۽ صحافين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيُون وينديُون. اها ڳالهه هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين جان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر طارق محمود ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان سعيد احمد شيخ به موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي، چونڊن جي ڪوريج جي ل??ءِ غيرملڪي ميڊيا جا نمائندا اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ موجود آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن ڪوريج جي ل??ءِ غيرملڪي صحاف??ن ۽ مبصرن جون درخواستون ڏيڻ جي آخري تاريخ 20 جنوري مقرر ڪئي وئي هئي پر ان تاريخ کانپوءِ به غيرملڪي صحاف??ن ۽ مبصرن جون درخواستون ملي رهيون آهن. هن چيو ته هيستائين غيرملڪي صحافين کي 49 ويزا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 32 درخواستن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان ه??ءِ ڪميشن نئين دهلي مان به اٽڪل 24 درخواستون مليون آهن جيڪي عمل جي مرحلي ۾ آهن، مجموعي طور تي ميڊيا جي مختلف ادارن پاران 174 درخواستون مليون آهن، ان کانسو??ءِ غيرصحافي ڪيٽيگري مان رڳو برطانيا مان غيرملڪي مبصرن جي 25 درخواستن تي ڪم جاري آهي. اهڙي طرح رشين فيڊريشن پاران 8، جاپان مان 13 درخواستون غور هيٺ آهن. جڏهن ته ڪئناڊا مان پارليامينٽ جي 5 ميمبرن درخواستون ڏنيون آهن، ڏکڻ آفريقا مان ٻن مبصرن ۽ ڪامن ويلٿ مان 5 درخواستون مليون آهن، جن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته هن وقت تائين پاڪستان ۾ 6065 صحافين کي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ ڏنا ويا آهن جن ۾ لاهور مان 1200، ڪراچي مان 1470، پشاور مان 1050، ڪوئيٽا مان 600، حيدرآباد مان 355، فيصل آباد مان 255 ۽ ملتان مان 290 صحافي شامل آهن. هن چيو ته عالمي صحاف??ن ۽ مبصرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي ل??ءِ اجازتناما ورتا آهن. انهن ٽن وڏن شهرن کانسو??ءِ جيڪڏهن ڪو غيرملڪي صحافي ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃڻ چاهي ته ان جو ڪيس ٽو ڪيس جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته 20 جنوري جي تاريخ گذري وڃڻ جي باوجود اڃا به اليڪشن ڪميشن ۽ اطلاعات واري وزارت جا لاڳاپيل ادارا انهن درخواستن تي غور ڪري رهيا آهن. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي شهرين جي حفاظت ڪري، غيرملڪي صحاف??ن ۽ مبصرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين جان هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته چونڊن جي ڪوريج جي ل??ءِ 14 ملڪن مان 81 درخواستون مليون، جن مان 49 غيرملڪي صحافين کي ويزا جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته باقي درخواستن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته 174 صحافين اڳ ۾ ئي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊن جي ل??ءِ درخواستون ڏئي رکيون هيون جيڪي پاڪستان ۾ موجود فارن ميڊيا هائوسز جي ل??ءِ پاڪستان ۾ ويهي ڪم ??ري رهيا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ضابطه اخلاق جاري ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ موجود صحاف??ن ۽ ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ صحافين سان اهو ضابطه اخلاق شيئر به ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته غيرملڪي صحافي جڏهن پاڪستان ايندا ته انهن کي اي سي پي کان ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ وٺي ڏنا ويندا. هن چيو ته غيرملڪي مبصرن جو انگ 55 آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته غيرملڪي صحافين جي سهولت ل??ءِ پي آءِ ڊي ۾ اليڪشن سيل قائم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۾ به اليڪشن سيل 24 ڪلاڪ ڪم ??ندو، جيڪو صحافين کي سهولتون فراهم ڪندو.