ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي بولان تي ”هزارگي“ زبان ۾ نشريات شروع ٿيڻ تي هزاره برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان جو مقصد ۽ هدف پي ٽي وي تي علائقائي زبانن جي برابر نمائندگي کي يقيني بڻائڻ آهي، پي ٽي وي بولان تي هزارگي زبان جي نشريات هزاره برادري جو پراڻو مطالبو هو جيڪو اڄ پورو ٿي ويو آهي، پي ٽي وي بولان جي نشريات هاڻي عام ??نٽينا جي ذريعي ڏوران??ن علائقن تائين ڏسي سگهبي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي بولان تي هزارگي زبان جي پروگرام ??ي افتتاحي ??قر??ب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??قر??ب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پي ٽي وي بولان اڳ ۾ ئي بلوچي، پشتو ۽ براهوي زبانن ۾ پنهنجي نشريات پيش ڪري رهيو آهي جڏهن ته اڄ هزاره برادري جي پراڻي مطالبي تي به هزارگي زبان ۾ به نشريات شروع ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي وي بولان جي نشريات ڪيبل ۽ سيٽلائيٽ تي اڳ کان موجود هئي، اها نشريات عام ??نٽينا جي ذريعي به ڏسي سگهبي جنهن سان ڏوران??ن علائقن جا ماڻهو فائدو کڻي سگهندا جيڪي سولر ۽ انٽينا جي ذريعي پي ٽي وي بولان جي نشريات ڏسي سگهندا. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورائتا آهيون جو هن اسان جي ان قدم جي حوصلا افزائي ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان هلندڙ مهيني پي ٽي وي ملتان جي نشريات جو وقت وڌائي 24 ڪلاڪ ڪيو. هن چيو ته اسان ري براڊ ڪاسٽ سينٽرز جي ٽرانسميشنز جي ا??گ ۾ به اضافو ڪيو آهي، اڳ ۾ 22 ري براڊ ڪاسٽ سينٽرز ڪم ڪري رهيا هئا، هاڻي ڪان ميترزئي ۾ وڌيڪ هڪ ري براڊ ڪاسٽ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن سان انهن جو انگ 23 ٿي ويو آهي. هن چيو ته اهي ري براڊ ڪاسٽ سينٽرز ماڻهن تائين پي ٽي وي جي نشريات پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جو مقصد پي ٽي وي بولان تي علائقائي زبانن جي برابر نمائندگي يقيني بڻائڻ آهي.