راولپنڊي-15 نومبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز ٽانڪ جي علا??قي ڪري مچن خيل ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب 14 ۽ 15 نومبر 2023ع جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ٽانڪ ضلعي جي علا??قي ڪري مچن خيل ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا به ??باهه ڪيا ويا. مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو. اهي دهشتگرد ٽانڪ ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس تي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ٻين دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ سرگرم رهيا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علا??قي مان دهشتگردن جو خاتمو ڪ??ڻ لاءِ سينيٽائزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي، علا??قي جي مقامي ماڻهن آپريشن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.