اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معيا??ي ۽ سستي معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي پاڪستان ?? تياري جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي لاءِ پاليسي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چل فائونڊ??شن جي چيئرمين فيروز احمد جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي ڪري خصوصي ماڻهن جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. وفد صدر کي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ چل فائونڊ??شن جي قدمن ??اب?? بريفنگ ڏني. صدر کي ٻڌايو ويو ته چل فائونڊ??شن خصوصي ماڻهن کي مصنوعي عضون سميت معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي، چل فائونڊ??شن خصوصي ماڻهن کي بحالي، ٿيراپي ۽ علاج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. وفد صدر کي فائونڊ??شن جي مختلف منصوبن، خصوصي ماڻهن جي ضرورتن ??اب?? پڻ ٻڌايو. ان موقعي تي صدر خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، بحالي ۽ سهولت جي لاءِ چل فائونڊ??شن جي ڪردار کي ساراهيو.