اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آ??اداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي وقت سر منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولا??ا فضل الرحمان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت ايندڙ چونڊن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي مولا??ا فضل الرحمان جي سَسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري نگران وف??قي وزير چيو ته نگران حڪومت آ??اداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون وقت سر منعقد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اسان خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ چاهيون ٿا. مولا??ا فضل الرحمان معاشي مسئلن جي حل لاءِ نگران حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ۽ چونڊ عمل ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.