اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان لانگ رينج فيلڊ ٽارگيٽ رائيفل ٽيم جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر پاڪستا??ي رائيفل ٽيم کي برطانيا ۾ ٿيندڙ يورپي لانگ رينج رائيفل چيمپئن شپ 2023ع کٽڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل احسن گلريز ۽ ڪرنل جنيد وقاص کي چاندي جو تمغو جڏهن ته ڪرنل جنيد علي کي ٽامي جو تمغو کٽڻ تي خصوصي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪ فوج جي ٽيم عالمي سطح تي رائيفل شوٽنگ جي مقابلي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، پاڪستا??ي رائيفل ٽيم يورپين چيمپيئن شپ کٽڻ تي ساراهه جي لائق ??هي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف راندين کي فروغ ڏيڻ ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت ??هي. هن پاڪستا??ي رائيفل ٽيم جي لاءِ مستقبل ۾ پڻ ڪاميابي ۽ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو.