نانجنگ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي ثقافتي وابستگي کي ف??وغ ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ميڊيا تنظيمن جي وچ ۾ گڏ??ل پروڊڪشنز ۽ دستاويزي فلمن جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميڊيا تعاون جي ف??وغ لاءِ پرعزم آهي، گڏ??ل پروڊڪشنز ميمبر ملڪن جي ثقافت ۽ سياحت کي ف??وغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون ۽ ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي ٽي وي فيسٽيول جي شرڪت ڪندڙ کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران و??اقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين هن سال سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ستن ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ چين دوستي جو اهو شاندار سفر انفرادي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي لاءِ مضبوط ڀائرن جو درجو رکن ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ثقافتي رابطا صديون پراڻا آهن. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ف??يم ورڪ سان اهي رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. نگران و??اقي وزير چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي معاشي تعاون جي شڪل اختيار ڪيل آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان 2023ع کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحتي مٽاسٽا جو سال قرار ڏنو آهي جنهن جو مقصد عوامي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا کي ف??وغ ڏيڻ سان گڏوگڏ متحرڪ سياحت ۽ ثقافتي ماحولياتي نظام جوڙڻ آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) خطي جي ميمبر ملڪن جي لاءِ سماجي، اقتصادي، مواصلات، ميڊيا ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٺوس ۽ پائيدار تعاون جي ف??وغ جي لاءِ ڪارائتو پليٽ فارم آهي، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ٻين آڊيو ويزيوئل مصنوعات جي شعبن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن جي وچ ۾ تعاون تنظيم جي ڪاميابي جو مظهر آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميڊيا تعاون جي ف??وغ لاءِ پرعزم آهي. مرڪزي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ تعاون عوامي سطح تي رابطن جي ف??وغ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. اطلاعات واري نگران و??اقي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ميڊيا تنظيمن کي پاڪستان سان گڏ??ل پروڊڪشن ۽ ٻين منصوبن ۾ حصيداري جي دعوت ڏيندي چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهن ٿا، گڏ??ل پروڊڪشنز اسان جي ملڪ جي ثقافت ۽ سياحت کي ف??وغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.