لنڊن – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني لنڊن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس دوران برطانوي منسٽر آف اسٽيٽ لارڊ طارق ا??مد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگ??ان پرڏيهي وزير ۽ لارڊ طارق ا??مد پاڪستان ۽ برطانيا جي گڏيل لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن جي موجوده رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان گڏيل لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق سان گڏوگڏ گڏيل واپار ۾ اضافي، تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ موسمياتي تب??يل??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪ??ت عملي تي غور ڪيو ويو. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ لارڊ طارق ا??مد برطانيا ۾ موجود پاڪستاني ڪميونٽي جي ٻنهي ملڪن جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو.