اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) آم??يڪي صدر جي خاص معاون ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ سينيئر ڊائريڪٽر ريئر ايڊمرل ايلين لاوباچر هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو ٻن ڏينهن دورو ڪي??. پ??ڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وفد ۾ آم??يڪي پرڏيهي کاتي، دفاع واري کاتي ۽ وائيٽ هائوس جا ميمبر شامل هئا. هن چيو ته آم??يڪي وفد 19 جولاءِ تي پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جا آم??يڪا سان پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي طرفن جي عوامي نم??ئن??ن ۽ عهديدارن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ايلين لاوباچر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ آم??يڪا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ آم??يڪا گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.