اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور جي احتساب ??دالت مان بريت تي شُڪرانا ادا ڪندي چيو آهي ته بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ ب??گن??هي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙن کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر ا??هن کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته الحمدالله لاهور جي احتساب ??دالت مني لانڊرنگ جي سياسي انتقام تي ٻڌل ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ اڄ مون کي ۽ حمزه شهباز کي بري ڪري ڇڏيو جنهن تي الله جو جيترو شڪر ادا ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. هن چيو ته سياسي انتقام ۾ هي اهو ئي ڪيس آهي جنهن ۾ برطانيا جي عالمي ساک رکندڙ نيشنل ڪرائيم ايجنسي ٽن ملڪن ۾ 40 سال جو رڪارڊ ٻن سالن تائين کنگ??لي?? ۽ ڪجهه نه ملڻ تي اسان کي ڪلين چِٽ ڏني هئي. برطانيا جي ڊيلي ميل ۾ ڊيفيڊ جي فنڊز ۾ گهپلي جي ڪوڙي خبر ڄاڻي واڻي شايع ڪرائي وئي هئي پر ا?? ۾ به الله تع??لي?? اسان کي سرخرو ڪيو ۽ ڊيلي ميل کي معافي وٺڻي پئي. هي اهو ئي ڪيس هو جنهن ۾ ناحق مون کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، حمزه شهباز کي قيد ۾ رکيو ويو ۽ ڪورونا وبا دوران سخت بيمار هجڻ جي باوجود حمزه کي ڊاڪٽر وٽ به نه موڪليو ويو، ان جي معصوم ڌيءَ سان ملڻ تائين نه ڏنو ويو. ”واٽس ايپ“ احتساب، بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ ب??گن??هي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي باهه ۾ سرندڙن کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر ا??هن کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته انتقامي انڌيرنگري جي ان ڪاري دور ۾ اسان جو س??ٿ ڏيڻ، اسان جي ب??گن??هي تي اعتماد رکڻ ۽ هر جڳهه تي اسان جو حوصلو وڌائيندڙ محسنن، دوستن، وڪيلن ۽ عوام جا ٿورا مڃان ٿو.