اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليف??ن ڪيو ۽ عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم ايران جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي عيد جي جوابي مبارڪ ڏني ۽ خيرسگالي جي ج??بن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ به طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ??رجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ تي ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو. ايران جي صدر ٽيليف??ن ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جو ??ورو مڃيو. وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي پڻ ٽيليف??ن ڪيو ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آذربائيجان جي عوام ۽ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو ??يغام ڏنو. صدر الهام عليوف پڻ خيرسگالي جي جوابي ج??بن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻه طرفي سهڪار جي عمل کي تيز بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم آّذربائيجان سان ايل اين جي فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ جي اميد جو ??ڻ اظهار ڪيو. صدر الهام عليوف ٽيليف??ن ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهبازشريف جو ??ورو مڃيو.