اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) عربي سمنڊ مان اُٿندڙ انت??ائ?? شديد سامونڊي طوفان بپر جوائي سامونڊي علائقي پهچي ويو. طوف??ن جو ڪيٽي بندر کان مفاصلو گهٽ ٿي 150 ڪلوميٽر رهجي ويو آهي. اين ڊي ايم اي طرف??ن جاري ڪيل تفصيلن مطابق بپر جوائي ڪراچيءَ مان 230 جڏهن ته ٺٽي مان 235 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. طوف??ن جي سطح تي هوائن جي رفتار 120 کان 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، جڏهن ته ??ن جي مرڪز ۾ 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آ??ن. ??راچيءَ سميت سنڌ ۽ بلوچست??ن جي ويجهن سامونڊي علائقن ۾ تيز طوفان ۽ شديد برساتن جي صورت ۾ اثر پئجي سگهن ٿا. طوف??ن جو رُخ اُتر اوڀر طرف رهندو ۽ اڄ شام جو ??ن جي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري علائقي ۾ ٽڪرائڻ جا امڪان آهن.