اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تو??نا??ي جي شعبي ۾ سڌارن کي بجيٽ جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪندي هدايت ڪ??ي آهي ته مهانگي درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪري مرحليوار متبادل ذريعن سان ب??لي جا نوان منصوبا شروع ڪيا وڃن، بجلي جي لائيف لائين ۽ گهٽ کپت وارن صارفين تي بلن جو گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي. هن اها هدايت تو??نا??ي شعبي جي حوالي سان ب??يٽ تجويزن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪ??ي. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ناليوارن صنعتڪارن اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪ??ي. اجلاس کي تو??نا??ي شعبي جي سڌارن ۽ بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ان حوالي سان شامل ڪيل منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ملڪ گير جاري سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي بڊنگ جا چار مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن جنهن کانپوءِ ڪيترين ئي عمارتن کي شمسي تو??نا??ي تي منتقل ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي برآمدي صنعتن کي بنا رڪاوٽ گئس ۽ بجلي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان قدمن ب??بت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم انهن قدمن کي حتمي شڪل ڏئي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي. وزيراعظم ه??ايت ڪ??ي ته ايندڙ بجيٽ ۾ لائين لاسز ۽ بجلي چوري جي خاتمي لاءِ موثر قدم شامل ڪيا وڃن، ايندڙ بجيٽ ۾ ونڊ ۽ شمسي تو??نا??ي جا منصوبا شامل ڪيا وڃن، پاور ٽرانسميشن جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، لائين لاسز ۽ بجلي جي چوري جي خاتمي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ ٽرانسفارمر ميٽرنگ منصوبي کي شامل ڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ جاري سولرائيزيسن جي منصوبن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، برآمدي صنعتن جي ترجيحي بنيادن تي تو??نا??ي جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن، بجيٽ ۾ پن ب??لي جي جاري منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي.