لاهور – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ معيشت جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي، صنعتي شعبي جي پيداوار ?? روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ قدم بجيٽ جو حصو هوندا، گذريل حڪومت پنهنجي حڪومت بچائڻ جي ل??ءِ آءِ ايم ايف معاهدو ٽوڙيو جنهن جو خميازو 22 ڪروڙ عوام خاص طور تي صنعتن کي ڀوڳڻو پيو، اسان سڀ گڏجي ان معاشي مشڪل مان نڪري ره??ا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنعتي شعبي جي حوالي سان بجيٽ تجويزن تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ معيشت جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته صنعتي شعبي جي پيداوار ?? روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ قدم بجيٽ جو حصو هوندا، آئون پاڻ يقيني بڻائيندس ته صنعتي شعبي جون تجويزون بجيٽ جو حصو بڻايون وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ننڍي، وڏي ۽ برآمدي صنعتن جي پيداوار ۾ اضافي جي وچ ۾ ايندڙ سمورين ضروري رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل حڪومت ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي کي روڪيو، گذريل حڪومت پنهنجي حڪومت بچائڻ جي ل??ءِ آءِ ايم ايف معاهدو ٽوڙيو جنهن جو خميازو 22 ڪروڙ عوام خاص طور تي صنعتن کي ڀوڳڻو پيو. هن چيو ته قومن جي زندگي ۾ مشڪلاتون اينديون آهن، پاڪستاني قوم باهمت قوم آهي، اسان سڀ گڏجي ان معاشي مشڪل مان نڪري ره??ا آهيون. هن چيو ته حڪومت، پوري قوم، صعتڪار ۽ ڪاروباري شخصيتون گڏجي پاڪستان جي بهتر حالتن ل??ءِ محنت ڪري ره??ا آهن. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سال شرپسند عنصرن ڪڏهن لانگ مارچ ته ڪڏهن شارٽ مارچ ۽ ڌرڻن سان ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، 9 مئي جي واقعن نه رڳو ملڪ ۾ شر پکيڙيو پر پاڪستان کي شديد معاشي نقصان پهچايو. هن چيو ته حڪومت صنعتن کي سستي توانائي فراهم ڪري انهن جي پيداواري لاڳت وڌيڪ گهٽ ڪندي، حڪومت اهو به يقيني بڻائيندي ته بئنڪون ننڍين صنعتن کي آسان شرطن تي قرض فراهم ڪن. وزيراعظم شهباز شريف صلاحڪار احد چيما کي اجلاس ۾ صنعتڪارن پا??ان ڏني ويندڙ تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي ل??ءِ تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ناليوارا صنعتڪار ۽ سيڙپڪار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. ان کانسو??ءِ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، احسن اقبال، مخدوم مرتضيٰ محمود، انجنيئر خرم دستگير خان، پيٽروليم واري مملڪتي وزير داڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبر قيصر شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پا??ان مختلف شعبن پا??ان تجويزون پيش ڪيون ويون. ان کانسو??ءِ صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن پڻ ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي انهن تجويزن تي تفصيلي ورڪنگ ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.