اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته چين، پاڪستان ۽ افغ??نس??ان اسلام آباد ۾ تازي ٽي ڌريي پرڏيهي وزيرن واري ڊائيلاگ ۾ ٽه ڌريي فريم ورڪ تحت سياسي رابطن ۾ اڳڀرائي، دهشتگردي جي خاتمي بابت تعاون ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪنيڪٽويٽي ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڌرين ڳالهه ٻولهه ۾ ٽي ٽي پي ۽ اي ٽي آءِ ايم سميت ڪنهن به شخص، گروهه يا پارٽي کي پنهنجي علائقن کي دهشتگرد سرگرمين ۽ ڪاررواين جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ سميت علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ??نگ??ن خطرو بڻجندڙ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته چين جي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير ڪين گينگ پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي چوٿين دور جي گڏيل صدارت ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي توثيق ڪئي، گهڻ رخي تعاون جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن هڪ ٻئي جي بنيادي قومي مفادن سان لاڳاپيل معاملن تي پائيدار حمايت جو ورجاءُ ڪيو. 2023ع ۾ سي پيڪ جو هڪ ڏهاڪو مڪمل ٿيڻ جي آجيان ڪندي ٻنهي ڌرين سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وقتي افغان پرڏيهي مولوي امير خان م??قي جي قيادت ۾ افغ??نس??ان جي وفد پڻ پاڪستان جو دورو ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي ڌرين سياسي، اقتصادي، واپاري رابطن، تعليم، امن ۽ سلامتي سميت دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايس سي او جي ??ار?? ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. ممتاز زهره بلوچ چيو ته پرڏيهي وزير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي منافي آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ار?? جي شهر گووا ۾ ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ رابطن جي مسئلن سان گڏوگڏ عالمي اقتصادي ۽ سياسي اڳڀرائي تي شنگهائي تعاون تنظيم جي موقف تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ موثر ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز ۽ ڀروسي جوڳي سپلائي چينز جي تعمير جي تجويز ڏني، ان سان گڏ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت ثابت ٿي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ٺوس ۽ گڏيل موقف تي زور ڏنو ۽ چيو ته سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار نه بڻائڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي چين، روس، قزاخستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي پنهنجي هم منصبن ۽ ??نگ??ائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي اجلاس پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم سان پنهنجي وابستگي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪيو. ترجمان چيو ته 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ايس سي او جي سمورين سرگرمين ۾ فعال ۽ تعميري طور تي حصو ورتو آهي ۽ هن شنگهائي تعاون تنظيم جي گهڻ رخي شعباجاتي ايجنڊا جي پيروي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان ??ار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ ??نس??ني حقن جي ??نگ??ن پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ ??نس??ني حقن جي ??نگ??ن ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??مو?? ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ??ار?? جي غيرقانوني طور تي والاريل ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي، تازن ڏينهن ۾ ??ار??ي قابض فورسز راجوري، ڪپواڙه ۽ بارهمولا جي ضلعن ۾ 6 ڪشميري نوجوانن کي قتل ڪيو جڏهن ته راجوري ۽ پونڇ ضلعن ۾ محاصري ۽ تلاشي جون ڪارروايون جاري رکيون، ان دوران مقامي آبادي کي هراسان ڪيو ويو. ترجمان چيو ته ??ار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ??ار?? جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي (اين آئي اي) آزادي جي حامي ڪارڪن فياض احمد ماگري جا 6 دڪان ضبط ڪري ورتا آهن. هن ??ار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ ??نس??ني حقن جي ??نگ??ن پائمالين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ??نس??ني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن. ترجمان چيو ته ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير مسگانو آريگا پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد ۾ آهي، دوري دوران پاڪستان ۽ ايٿوپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن م??املن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ايئرلائينز جي پهرين سڌوسنئون اڏام جي پڻ شروعات ڪئي وئي آهي.