اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته احتجاج پاڪستان جي هر شهري جو آئين?? حق آهي پر ان کي سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه شرپسندن جهڙي طرح سرڪاري ملڪيتن خاص طور تي سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچايو آهي، اهو مذمت جوڳو آهي، ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور ??پي?? ڪريان ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي موجوده ملڪي صورتحال تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري سان پيدا ٿيندڙ ملڪ جي موجوده صورتحال تي شديد پريشان آهيان، انساني جانين جو زيان دل ڏکوئيندڙ، ڳڻتي جوڳو، افسوسناڪ ۽ انتهائي مذمت جوڳو ??هي. هن چيو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتارين بدران ٻيهر سوچڻ گهرجي ۽ سياسي حل ڳولڻ گهرجي، مون سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته حالتون بهتر ٿيند??ون?? آئون ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور ??پي?? ڪريان ٿو.