اسلام آباد- 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي حوالي سان مف??همتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ تقريب منعقد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان طرفان گهرو وفاقي وزير راڻا ثناءُ ا??له خان جڏهن ته سعودي عرب طرفان سعودي نا??ب دفاع وارو وزير ڊاڪٽر نا??ر بن عبدالعزيز مف??همتي يادداشت تي صحيحون ڪيو??. م??اهدو حج پانڌيئڙن جي اميگريشن جي عمل کي آسان ۽ هموار ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ ٻيا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.