اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مسلمان امت ۾ اتحاد ۽ خطي ۾ استحڪام جي حو??لي سان سعودي عرب جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي کي ساراهيندي چيو آهي ته سوڊان ??ان ??اڪستانين کي ڪڍڻ ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جو ڪردار واک??ڻ جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار سعودي پرڏيهي وزير فيصل ??ان ??رحان سان ??يليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سعودي هم منصب فيصل ??ن فرحان کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدلعزيز، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي عوام لاءِ پڻ مبارڪباد جو پيغام پهچايو. هن سوڊان ??ان ??اڪستانين جي واپسي ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.