لاهور- 22 – ا??ري?? (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪ فوج، پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي سربراهن کي ٽيليفون تي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزي??اع??م پريس ونگ موجب وزي??اع??م شهباز شريف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزي??اع??م چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي به فون ڪيو ۽ عيدالفطر جون مبارڪون ڏيندي چي?? ته پاڪستاني قوم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي. پاڪستاني قوم پنهنجي سرحدن تي موجود محافظن جي ڪري امن ۽ سڪون سان عيد جون خوشيون ملهائي رهي آهي. هن چي?? ته مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي ان بهادر ۽ فرض شناس جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.