اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪ يورپي يونين ڪائونٽر ٽيررازم ڊائيلاگ 27 اپريل تي برسلز ۾ منعقد ٿيو. ڊائيلاگ 2019ع جي اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جي فريم ورڪ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي وسيع تر مشغوليت جي حصي طور دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون تي اهم ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو ??وقعو فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي پرزور مذمت ڪئي ۽ پرتشدد انتهاپسندي، آف لائين ۽ آن لائين بنياد پرستي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي وڌائي دهشتگردي جو گڏيل مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ??رجاءُ ڪيو. هن گهڻ رخي فورم جهڙوڪ گڏيل قومن ۽ گلوبل ڪائونٽر ٽيررازم فورم ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊائيلاگ افغانستان جي صورتحال جي وسيع تر ??لامتي جي خطرن سميت علائقائي ۽ عالمي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو ??وقعو فراهم ڪيو. اجلاس دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مدد جا ٺوس طريقا ڳولڻ جو ??وقعو فراهم ڪيو. لاڳاپيل وفدن جي قيادت يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس ۾ ڪامن سيڪيورٽي اينڊ ڊفينس پاليسي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر بينيڊڪٽا وون سيهر ٿوس ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۾ دهشتگردي جي ڊائريڪٽر جنرل ع??دا??حميد ڪئي.