اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن صوبن ۾ نگران حڪ??متن جي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان قيام جي قانوني حيثيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان حوالي سان چوڌري فواد حسين جو خط وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو. خط ۾ صدر وزيراعظم کي ملڪ ۾ آئين جي ??الادستي ۽ جمهوريت جو استحڪام يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي وفاقي وزير پاران اٿاريل مسئلن تي غور ڪرڻ جو چيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چوڌري فواد حسين صدر جي نالي پنهنجي ??ط ۾ ملڪ جي ٻن صوبن ۾ عبوري سيٽ اپ جي قانوني حيثيت جي ??والي سان مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عبوري حڪ??متن پنهنجو مقرر مدو پورو ڪري ورتو آهي. آئين ۾ عبوري سيٽ اپ جي مقرر مدي کي جاري رکڻ/ توسيع جو ڪو ذڪر نه آهي. نگران حڪ??متون آئين جي ??رٽيڪل 224 موجب اليڪشن ڪميشن کي آئين ۽ قانون موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ ديانتداراڻي انداز ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ متعا??ف ڪرايون ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ??ط ۾ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کي چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ آئين جي ??الادستي ۽ جمهوريت جي مضبوطي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان معاملي جو جائزو وٺي.