اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور هڪ باعمل عالم، نيڪ صالح ۽ ايماندار ان??ان?? عظيم رهبر ۽ بهترين سياستدان هو، سندس شخصيت سادگي جو عملي نمونو هئي، رڳو هڪ سا?? جي مختصر عرصي ۾ هن اسان جي مٿان گهرا نقش ڇڏيا آهن، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سا?? به نه ٿ?? ملن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مفتي عبدالشڪور کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته مفتي عبدالشڪور جو دين سا?? گهرو لڳاءُ هو، عملي طور تي هو عظيم رهبر، باعمل عالم ۽ بهترين سياستدان هو، پنهنجي علائقي ۾ مسجد سا?? گڏ ان جو ننڍو گهر هو، هن پنهنجي چونڊ مهم به موٽرسائيڪل تي هلائي ۽ ماڻهن ان جي شخصيت کان متاثر ٿي ان کي چونڊيو، جڏهن فيصلو ڪيو ويو ته مشڪل معاشي صورتحال جي ڏس ۾ ڪابينا جا ميمبر به پنهنجي پگهارن ۽ مراعتن مان پنهنجو حصو وجهن ته مفتي صاحب مون کي ايمان جي طاقت جي زور ??ي انتهائي خلوص سا?? چيو ته وزيراعظم صاحب آئون اها ڪٽوتي نه ڪرائي سگهندس، هن مرد مومن بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجي معاشي حالتن بابت مون کي ٻڌايو، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سا?? به نه ٿ?? ملن، انهن کي جيترو به خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هو هڪ عظيم شخصيت ۽ سادگي جو عملي نمونو هو، ان جي لاڏاڻي ??ي اسان سڀ ڏکويل آهيون، هو جي يو آءِ (ف) جي مٿي جو جهومر هو.