اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي 50 سالا گولڊن جوبلي تقريبن جي موقعي تي ڪميٽي آف هول کي خطاب ڪندي اڳوڻن ۽ موجوده سينيٽرن چيو آه?? ته پاڪستان کي درپيش سمورن چئلينجن ۽ بحرانن جو حل قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت ۾ آه??، 18 هين ترميم سميت آئين پاڪستان تي ان جي روح موجب عملدرآمد وقت جي ضرورت آه??، هر اداري کي پنهنجي حدن ۾ پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، سينيٽ کي مالياتي معاملن ۾ به اختيار ڏنا وڃن. گولڊن جوبلي تقريبن جي ٻي ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان 1973ع جو آئين ٺاهيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ان موقعي تي اسان کي پنهنجي خامين جي پڻ نشاندهي ڪرڻي پوندي، اسان وٽ موجوده آئين اميد جو ڪرڻو آه??، سياسي پارٽين کي ميرٽ ۽ شفافيت کي فروغ ڏيڻو پوندو ۽ مافياز ۽ اي ٽي ايم مشينن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو، اڳوڻي سينيٽر جاويد عباسي چيو ته سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقربيون منعقد ڪرڻ تي چيئرمين ۽ ٻي ٽيم کي مبارڪون پيش ڪريون ٿا، بي اين پي مينگل جي اڳوڻي سينيٽر ثناءُ الله بلوچ چيو ته پاڪستان سان جيڪي ملڪ آزاد ٿيا، ترقي ۾ پاڪستان انهن کان پوئتي رهجي ويو، سينيٽر حاجي هدايت الله چيو ته اسان جي ڪمزورين جي ڪري ٻيا ادارا اسان جي ڪم ۾ مداخلت ڪندا آه??، سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته بنا فرق احتساب ۽ وقت سر چونڊن ذريعي ئي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو، اڳوڻي سينيٽر زاهد خان چيو ته سينيٽ 15 هين ترميم روڪي، سينيٽر سرفراز بگٽي چيو ته سينيٽ ۾ چئني صوبن جي برابر نمائندگي آه??، مشاهد حسين سيد چيو ته قائداعظم جمهوريت ۽ ووٽ جي طاقت تي يقين رکون ٿا، پاڪستان جي پارليامينٽ فلسطين جي حق ۾ دنيا جي سمورين پارليامينٽن کان وڌيڪ قراردادون منظور ڪيون، سينيٽ معاملن تي اهم ڪردار ادا ڪيو، 2003ع ۾ آمريڪا طرفان عراق تي حملي جو فيصلو ٿيو، اسان ان جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪا قرارداد هتي پاس ٿي اها پاليسي ٺهي، 2005ع ۾ بلوچستان جي مسئلن تي هڪ اهم سنگ ميل ڪميٽي جو قيام هو، گرين ۽ ڪلين پاڪستان ڪميٽي اهم اڳڀرائي هئي، سلاله چيڪ پوسٽ حملي کانپوءِ قومي سلامتي تي رضا رباني جي صدارت ۾ ڪميٽي جي سفارشن جي ڪ??ي شمسي ايئر بيس بند ٿيو، آمريڪا طرفان معذرت ڪئي وئي، جمهوريت جو تحفظ ۽ پارليامينٽ جي بالادستي اسان سڀني جي ذميواري آه??، اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته سينيٽ جي گولڊن جوبلي تي هي تقريبون اهم آه??، سينيٽ جي جوڙجڪ برابري جي بنياد تي ڪئي وئي، 1973ع تائين نظريه ضرورت تحت عبوري آئين رهيو، 1973ع جي آئين ۾ مولانا مفتي محمود، خان عبدالولي، غوث بخش بزنجو، شاهه احمد نوراني جو وڏو ڪردار هو، هي آئين اڃان تائين قائم ۽ دائم آه??، سينيٽر سردار شفيق ترين چيو ته سينيٽ کي مالياتي اعتبار سان بااختيار بنائڻ جي ضرورت آه??، ان لاءِ سمورن سينيٽرن جي ذميواري آه?? ته هو ڪردار ادا ڪن، سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته اسان کي اڳتي وڌڻ جا رستا ڳولڻا پوندا، قانون تي ان جي روح موجب عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، ائين تڏهن ئ?? ممڪن آه?? جڏهن اسٽينڊنگ ڪميٽيون مضبوط هج??، اڳوڻي سينيٽر روزينه عالم خان چيو ته سينيٽ جي ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد جي کوٽ آه??، جمهوريت کي هٿي ڏيڻ تي اسان سڀني جو ايمان آه??، اڳوڻي سينيٽر رضا محمد رضا چيو ته پاڪستان جي بحرانن جو ذميوار ڪير آه?? ان جو تعين ٿيڻ گهرجي، ڄام مهتاب حسين ڏاهر چيو ته سينيٽ جو ڪم صوبن جي معاملن کي بحث هيٺ آڻڻ آه?? پر پوائنٽ اسڪورنگ ۾ وقت برباد ڪري ڇڏيندا آه??ون، هتي صوبن جي مسئلن تي بحث ۽ قانونسازي ٿئي ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، سينيٽ جو ڪم تڪرارن جو حل آه??، سينيٽ سان گڏ هائوس آف فيڊريشن لکيو وڃي، سينيٽر ثمينه ممتاز چيو ته صوبن جي احساس محرومي بدران هتي ٻيا معاملا بحث هيٺ آندا ويندا آه??، ماضي ۾ صوبن جي حقن لاءِ کنيل قمن تي فالو اپ به وٺڻ گهرجي، 18 هين ترميم تي ان جي روح موجب عمل نه ٿي رهيو آه??، ان تي عملدرآمد ڪميٽي ٺاهي وڃي، سينيٽر ڪيشو ٻائي سينيٽ جي گولڊن جوبلي تي مبارڪون ڏيندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي عظيم آئين ڏيڻ تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.