اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ راولپنڊي جي اڳوڻي ميئر س??دا?? نسيم سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي سمورن گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته والده جهڙي شفيق ۽ مخلص هستيءَ جو لاڏاڻو زندگي جو ناقابل تلافي ن??صان هوندو آهي، توهان جي ڏک ۾ اسان سڀ شريڪ آهيون. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مر??وم?? کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل ڏي.