اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته 27 ڊسمبر 2007ع عوام جي محبوب اڳواڻ جي شهادت جو ناقابل فرا??وش ڏينهن آهي، ملڪ، عوام ۽ جمهوريت جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽوجي تاريخي خدمتن تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، محترمه بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ريف شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي جنهن عوام جي حقن جي جدوجهد ۾ شهادت ماڻي، 27 ڊسمبر 2007ع جو ڏينهن عوام جي هڪ محبوب اڳواڻ جي شهادت جو ناقابل فرا??وش ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته اسلماي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي سڄي عمر مسلسل جدوجهد جي ولولي انگيز داستان آهي، ملڪ، عوام ۽ جمهوريت جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جي تاريخي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. آئين جي سربلندي، آمريت جي خلاف سندس عزم ۽ نڊر عوامي ۽ سياسي تحر??ڪ تاريخ جو قابل فخر ۽ سنهرو باب آهي. وزيراعظم شهباز ??ريف چيو ته قائد محمد نواز ??ريف ۽ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۽ عوام کي مثاق جمهوريت جو تاريخي تحفو ڏنو، ملڪ جي س??است ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي، ميثاق جمهوريت اسان جي اڳواڻن جي س??اسي بصيرت جو هڪ تاريخي ڪارنامو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياسي ڪلچر ۽ روايت جي شروعات ٿي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردي جي خلاف جرئتمنداڻو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو. وزيراعظم چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي پڪي عزم جو ثبوت آهي، محترمه بينظير ڀٽو ملڪي دفاع جي مضبوطي، آئيني ادارن جي تقويت ۽ سماجي ڀلائي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري س??يت گهرڀاتين ۽ شهيد بينظير ڀٽوجي س??ورن واڳيلن سان تعزيت ۽ همدردي جو ا??هار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ شهيد بينظير ڀٽو سميت سمورن شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.