اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ترڪيه جي دوري جي ٻئي ڏينهن ترڪيه جي سيڙپڪاري ۾ ايندڙ رڪاوٽ?? کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوشش?? کي اجاگر ڪيو آهي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ڪاروباري شعبي ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم ??و يقين ڏياريو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اها ڳالهه پاڪ ترڪ بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بي پناهه غيراس??عم??ل ٿيل ڪاروباري ۽ واپاري رخن طرف ڌيان ڇڪرايو. واپاري برادري پاڪستاني حڪومت جي اڻٿڪ حمايت بابت ۽ واپاري سفارتڪاري جو نئون دور شروع ڪرڻ جي عزم جو ا??ها?? ڪيو.