اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن آئيني مقررين جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف جي ڀرپور حمايت ڪندي ان کي فيصلي جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اتحادي پارٽين جي مشاورتي اجلاس ۾ پارٽي سربراهن ۽ اڳواڻن وزيراعظم شهباز شريف جي ڀرپور حمايت ڪئي. ذريعن موجب مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته الله تعاليٰ ت??ها?? کي عزت ۽ عهدي سان نوازيو آهي، الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا، اهو ت??ها?? جو آئيني حق آهي ۽ اسان ت??ها?? سان گڏ بيٺل آهي??ن. ??ي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته وزيراعظم جيڪو به فيصلو ڪندو، جي يو آءِ (ف) اُن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ت??ها?? جي تائيد ڪري ٿي. بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ خالد ??گسي چيو ته ت??ها?? جيڪو فيصلو ڪريو، اسان ت??ها?? سان ڄمي بيٺل آهيون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب، اسان هر فيصلي ۾ ت??ها?? سان گڏ بيٺل آهي??ن. ??يم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊاڪٽر خالد ??قبول صديقي چيو ته ت??ها?? تي مڪمل اعتماد آهي، ت??ها?? جو آئيني حق آهي، ت??ها?? اسان سان مشاورت ڪئي، ت??ها?? جا ٿورائتا آهيُ??ن. ??سلم ڀوتاڻي چيو ته آئين تحت فيصلو ت??ها?? کي ڪرڻو آهي، اسان ت??ها?? جي فيصلي جي تائيد ڪريون ٿا. محسن داوڙ چيو ته اهم مقررين جو اختيار ت??ها?? وٽ آهي ۽ ت??ها?? ئي ان جا مجاز آهيو، اسان ت??ها?? سان گڏ آهي??ن. ??فتاب شيرپائو چيو ته اختيار ت??ها?? جو آهي، ت??ها?? اسان تي اعتماد ڪيو، اسان ت??ها?? تي مڪمل اعتماد ڪريون ٿا. شاهزين بگٽي چيو ته آئين ت??ها?? کي ذميواري ڏني آهي، اسان ت??ها?? جي فيصلن جي تائيد ۽ حمايت ڪريون ٿا، مشاورت ڪرڻ ت??ها?? جي جمهوري سوچ جو مظهر آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته سمورين پارٽين جو وزيراعظم شهباز شريف تي مڪمل اعتماد اسان جي لاءِ فخر جوڳو آهي.