شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ منعقد ٿيندڙ ڪوپ – 27 سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران يڪجهتي جي اظهار ۽ پاڪستان جي ??اء?? وڏي پئماني تي تعاون جي اپيل کي ساراهيندي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪست??ن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي موسمياتي تبديلي جي ڪري درپيش چئلينج جو واضح اظهار آهي. وزيراعظم موسمياتي انصاف ۽ ماحولياتي يڪجهتي جي ??اء?? سيڪريٽري جنرل جي مطالبي جي پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوسٽ ڊيزاسٽر نيڊز اسسمنٽ موجب ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو 32 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جيڪو پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو اٽڪل 10 سيڪڙو بڻجي ٿو، پاڪستان کي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي تمام وڏي ڪم جي ??اء?? پائيدار ترقي جي ماڊل جي بنياد تي سرسبز بڻائڻ جي ??اء?? خاطرخواهه عالمي تعاون جي ضرورت پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ??اء?? گذريل مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد جي منظوري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن ترقياتي حصيدارن کي گڏ ڪرڻ جي ??اء?? هڪ عالمي ”ڊونرز ڪانفرنس“ گهرائڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم گڏيل قومن پاران پاڪستان کي تجويز ڪيل ڪانفرنس ۾ هڪ ٺوس بحالي ۽ نئين سر تعمير جو منصوبو تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي ??اء?? انٽر ايجنسي ٽيم جي جوڙجڪ کي پڻ ساراهيو جنهن جي قيادت ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڪندو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي ڪانفرنس عالمي برادري جي ??اء?? هڪ وقت سر موقعو آهي ته اها ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي انصاف کي فروغ ڏيڻ جي ??اء?? برابر ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل قدم کڻي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪوپ – 27 جي اجلاس ۾ پاڪست??ن ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ هڪ اهم ”ڊيليوريبل“ هوندو. پاڪستان جي گروپ جي – 77 ۽ چين جي سربراهه هجڻ جي حيثيت سان ڪوپ – 27 اتفاق راءِ سان ”لاس اينڊ ڊميج فنانس“ تي هڪ ايجنڊا ائٽم کي شامل ڪرڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سيڪريٽري جنرل جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ ”پاڪستان پويلين“ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ٿي.