اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي ج?? اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت ڪشمير ڪاز کي دٻائي نه ٿي سگهي، هي سفر ڪشمير جي آزادي تي ئي ختم ٿيندو. ڪشمير جي حوالي سان ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ظالم ??ار??ي فوج غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو هو، جتي هاڻي 10 ڪشميرين تي هڪ ??ار??ي فوجي مڙهيل آهي. هن چيو ته پاڪستان 7 ڏهاڪن کان جاري ڪشميري عوا?? جي آزادي ج?? سفر ۾ شيهي ج?? ديوار وانگر انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته آزادي ج?? جدوجهد ۾ جهڙي طرح ڪشميرين قربانيون ڏنيون، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪشميرين ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ??ار?? طاقت جي وحشياڻي استعمال سان انهن جي حريت جي جذبي کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان ڪشميري عوا?? جي سياسي، س??ار??ي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي.