استنبول – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان ترڪيه جي فلمي صنعت جي نمائندن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڊرامن ۽ فلم جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ??ي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??اڪ??تاني فلمن جي نمائش جي لاءِ ترڪيه ۾ فلمي ميلي ۾ ??اڪ??تان جي شرڪت جو اعلان ڪيو. فلمي ميلي جي تاريخ جو تعين ايندڙ هفتي ترڪيه ۾ فلمي ميلي جي انعقاد جي حوالي سان اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪ??تان ۾ تيار ٿيندڙ ٽي نيون فلمون فيسٽيول ۾ پيش ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل منصوبن جي لاءِ فزيبلٽي تيار ڪئي ويندي. ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۾ جديد ترين فلم پراسيسنگ ليب جي قيام ۾ تعاون، ترڪيه جي يونيورسٽين سان گڏ تعليمي نصاب ۾ فلم س??زي ۽ اداڪاري جي مضمون شامل ڪرڻ جي لاءِ تعاون تي به اتفاق ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ??اڪ??تان دنيا جو ٽيون سڀ کان وڏو فلم ٺاهيندڙ ملڪ هو. هن چيو ته 2008ع ۾ فلمي صنعت جي بحالي جو ڪم شروع ٿيو، اسان ملڪي تاريخ جي پهرين فلم اينڊ ڪلچر پاليسي تشڪيل ڏني. فلمي صنعت کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ، نيون فلمون ٺاهڻ جي لاءِ مالي مدد جون سهولتون ڏنيون. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ فلمن جي تياري تي 70 سيڪڙو تائين ٽيڪس ۾ رعايت ڏني وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم جي ڪهاڻي، معيار، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، قومي فلم پاليسي جو حصو آهي، ان کانسواءِ نئين سئنيما گهرن جي قيام، بحالي ۽ فنڪارن کي مراعتون ڏيڻ ??ي لاءِ قدم به کنيا آهن. هن چيو ته فلم ۽ سياحت جي شعبي ۾ ??اڪ??تان جي 70 سيڪڙو نوجوانن کي شامل ڪرڻ جو هي بهترين موقعو آهي. نوجوانن جي لاءِ فلمي شعبي ۾ انٽرنيشنل ورڪشاپ منعقد ڪيا پيا وڃن، جنهن ۾ بهترين ساک جي حامين پروڊيوسرز کي گهرائينداسين. مريم اورنگزيب چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ??اڪ??تان جا اتريان علائقا قدرتي حسن سان مالامال آهن، ترڪيه جا فلمساز انهن قدرتي سياحتي علائقن ۾ فلمبندي ڪري سگهن ٿا. وفد ترڪيه جي فلمي صنعت پاران ??اڪ??تان سان گڏ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪندي چيو ته ترڪيه ۾ قائم نائيدرلينڊز، ترڪيه ۽ فرانس جي بهترين ڪمپنين فلم پراسيسنگ ليب ۾ ٽيڪنيڪي معاونت فراهم ڪري سگهن ٿا.