اسلام آباد – 09 – سيپٽ??بر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تع??يت جي لاءِ برطا??وي هاءِ ??ميشن جو دورو ڪيو. هن برطا??وي هاءِ ??ميشن ۾ تع??يتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان جي عوام پاران شاهي خاندان ۽ برطانيا جي ماڻهن سان ڏکويل دل سان ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي دلي تع??يت جو اظهار ??ريان ٿو، ان جو لاڏاڻو 7 ڏهاڪن تي ٻڌل هڪ دور جي خاتمي جي علامت آهي. هن چيو ته ملڪه برطانيا برطا??وي عوام ۽ دولت مشترڪه جي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون، ملڪه برطانيا جي زندگي عوامي خدمت جي لاءِ وقف هئي، هن پنهنجا فرض وقار سان ادا ڪيا. صدر چيو ته آئون 12 سال جي ٻار جي حيثيت سان ان جي پاڪستان جي دوري کي سدائين ياد رکندس، ملڪه ايلزبيٿ ٻه شائستگي، توازن ۽ وقار جي علامت هئي. بعد ۾ صدر بطا??وي هاءِ ??مشنر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آنجهاني ملڪه بي مثال وقار ۽ شائستگي رکندڙ عورت هئي، آنجهاني ملڪه جي خيراتي ادارن جي سرپرستي، دنيا ۾ امن جي فروغ جي لاءِ ??وششون غيرمعمولي هيون. برطا??وي هاءِ ??مشنر ڪرسچن ٽرنر چيو ته آنجهاني ملڪه پنهنجي دل ۾ پاڪستان جي لاءِ هڪ خاص مقام رکندي هئي، ملڪه ايلزبيٿ ٻه پنهنجي آخري پيغام ۾ پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن سان يڪجهتي جو اظهار ??يو هو.