گلگت- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگ?? بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن پيڪيج جو ??علان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ماڻهن لاءِ ڪيو ويو انهي پيڪيج تي گلگ?? بلتستان ۾ به عمل ٿيندو ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سروي سڀ کان پهرين گلگ?? بلتستان کان شروع ٿيندو. گلگت ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر ٻوڏ سبب هن دنيا م??ن هليا ويا انهن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان پرائم منسٽر پيڪيج تحت 10 لک روپين جو ??علان ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح زخمين لاءِ به پيڪيج جو ??علان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ٻيو مرحلو ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي، ان مد ۾ پي ڊي ايم اي کي ضروري سامان ڏئي ڇڏيو آهي، متاثرن ک?? عارضي رهائشگاهن يا م??واڙي گهرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي يا ڪيو ويندو، هن چيو ته ٽيون مرحلو متاثرن جي بحالي جو ??هي، ان مرحلي ۾ متاثر علائقن جو ??فصيلي سروي ٿيندو، ملڪ جي ٻين حصن ۾ هن وقت پاڻي بيٺل آهي، اتي هن وقت سروي ممڪن نه آهي ان لاءِ سروي پهرين گلگ?? بلتستان کان شروع ٿيندو ۽ ان کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم گلگ?? بلتستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو ??ورو ڪندو.