نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، متاثرين کي فو??ي طور تي 25، 25 هزار رپين جي مالي امداد ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو ??ظهار وزيراعظم نوشهره ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ڪئمپ ۾ رهندڙ عورتن ۽ ٻارن کان کاڌي ۽ ٻين سهولتن جي ??را??مي بابت معلوم ڪيو. هڪ عورت ميٽرس جي عدم ??را??مي جي شڪايت ڪئي جنهن تي وزيراعظم فو??ي طور تي کيس ميٽرس ??را??م ڪرڻ جو ??ڪم ڏنو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ گڏجي متاثرين جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. فو?? ٿيندڙن جي پونئيرن کي وفاقي حڪومت پاران 10، 10 لک رپين جي مالي امداد ڏني پئي وڃي. هن چيو ته انشاءَ الله صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي خاتمي ۽ ملڪ جي لاءِ دعا پڻ ڪرائي.