اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪرغزستان جي نائب پرڏيهي وزير ارتڪ بائيو ايبڪ مختاروچ ??لاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان ۽ ڪرغزستان تاريخ ۽ ثقافت جي انمول رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پا??ستان جو سامونڊي رستو وچ ايشيائي رياستن جي واپار ۾ فروغ جي لاءِ وڌيڪ معاون ثابت ٿي سگهي ٿو، پا??ستان ۽ ڪرغزستان جي واپار ?? وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪرغزستان ۾ هزارين پا??ستاني شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، عوامي سطح تي رابطن کي سياحتي ۽ ثقافتي ڏس ?? وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي.