اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي انڊونيشيا مان کاڄر?? تيل جي برآمد لاءِ خصوصي ڪوششن کي س??راهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صنعت ۽ پيدوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ سيڪريٽري امداد الله بوسال ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير جو کاڄر?? تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچن تي انڊونيشيا جو دورو واکاڻ جوڳو آهي، وقت سر درآمد سان ملڪ ۾ کاڄر?? تيل جي بحران جي خطري جي روڪٿام ۽ کاڄر?? تيل جي ڪارگو جي آمد سان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، واضح رهي ته وزيراعظم جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود کاڄر?? تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچ تي انڊونيشيا جو دورو ڪيو، ??وري جو مقصد ملڪ ۾ کاڄر?? تيل جي برآمد سان متوقع بحران جي روڪٿام ڪرڻ هو، ??نعت واري وزير جي ڪوششن جي ڪري انڊونيشيا کان اڍائي لک ميٽرڪ ٽن 10 بحري جهاز کاڄر?? تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، کاڄر?? تيل جي پهرين کيپ صنعت ۽ پيداوار واري وزير جي انڊونيشيا ۾ موجودگي دوران ئي پاڪستان رواني ڪئي وئي هئي.