اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام سڀ ڄاڻي ٿي، پنهنجي جوابدارن کي سڃاڻي ٿي، عمران صاحب! ڪوڙ ڳالهائڻ، ڌمڪي ڏيڻ ۽ گار ڏيڻ سان حقيقت نٿي لڪي سگهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عوام سڀ ڄاڻي ٿي، اصل معاشي تباهي، بي روزگاري ۽ بک جو جوابدار عمران خان آهي، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ 2022ع ۾ پي ٽي آء?? جي حڪومتي دور د??را?? ملڪي ترقي جي حوالي سان انگن اکرن جو گراف به شيئر ڪيو، ان گراف موجب 2018ع ۾ ڊالر جي قيمت 116 رو??يا هئي جيڪا 2022ع ۾ 189 رو??يا ٿي وئي، قومي ترقي جي رفتار 6.1 سيڪڙو کان گهٽجي 4 سيڪڙو (متوقع)، مهانگائي 3.9 سيڪڙو کان وڌي 13 سيڪڙو، غذائي مهانگائي 2.3 سيڪرو کان وڌي 15 سيڪڙو، آٽو 20 ڪلو 700 رو??ين مان وڌي 1100 رو??يا، کنڊ في ڪلو 53 رو??ين کانو ڌي 90 رو??يا، گيهه في ڪلو 151 رو??ين مان وڌي 470 رو??يا، بجلي في يونٽ 11 رو??ين کان وڌي 25 رو??يا، گئس 600 رو??يا، ايم ايم بي ٽي يو کان وڌي 1400 رو??يا، ايم ايم بي ٽي يو، يوريا ٻوري جي قيمت 1380 کان وڌي 1918 رو??يا، (3 هزار رو??ين به وڪرو ٿي) مالي خسارو 2260 ارب رو??ين کان وڌي 5600 ارب رو??يا (متوقع) واپاري خسارو 0.9 ارب ڊالر کان وڌي 43 ارب ڊالر، جي ڊي پي ۽ ٽيڪس جو تناسب 11.1 سيڪڙو کان وڌي 9.2 سيڪڙو، حڪومتي قرض 1947ع کان وٺي 2018ع تائين 24953 ارب رو??ين کان وڌي ساڍا ٽن سالن ۾ 42745 ارب رو??يا، بي روزگارن جو تعداد 35 لک کان وڌي 95 لک ٿي ويو يعني ملڪ ۾ 60 لک بيروزگارن جو اضافو ٿيو، اهڙي طرح ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن تي اسپيشن انڊيڪس رينڪنگ 117 کان 140 ٿي، ڪرپشن ۾ 23 سيڪڙو اضافو ٿيو، چار سالن ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ ماڻهن جي تعداد ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن سميت 1.3 ڪروڙ ٻارن جو اضافو ٿيو.