اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ج?? صدارت ڪندڙ سردار ??ياز صادق چيو ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پنهنجي استعي??يٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ان جي استعي??يٰ منظور ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اڄ جي ايجنڊا ۾ ڊپٽي اسپيڪر ??ي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ائٽم تي عملدرآمد نه ٿيندو. سردار ??ياز صادق چيو ته اسپيڪر جي چونڊ لاءِ سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر راجا پرويز اشرف جو نالو ڏنو جنهن جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئي اميدوار ڪاغذ جمع نه ڪرايا ان لاءِ راجا پرويز اشرف کي بنا مقابلي اسپيڪر چونڊيو وڃي ٿو. بعد ۾ سردار ??ياز صادق نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف کان سندس عهدي جو حلف ورتو.