اسلام ??باد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چو??ري فواد حسين چيو آهي ته ن ليگ جي اڪائونٽس تان سپريم ڪورٽ جي بينچ تي مسلسل تنقيدي حملا ٿي رهيا آهن، مخالف ڌر سپريم ڪورٽ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، عمران خان جيڪڏهن مخالف ڌر جي خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ته کين پنهنجي گهرن ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويندو، پاڪستان جو مفاد ان ۾ آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. چو??ري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر چئي رهي هئي ته شهزاد اڪبر ملڪ ڇڏي ويو آهي، شهزاد اڪبر اڄ به اسان سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته مخالف ڌر آئين جون ڌڄيون اڏائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، 22 ماڻهن کي انهن هارس ٽريڊنگ جي ذريعي پاڻ سان ملايو، ڇا اهو آئين جو حصو هو؟ چو??ري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي عوام ??ليڪشن جي لاءِ تيار آهي، ڪا به سياسي پارٽي ڪڏهن به اليڪشن کان راه فرار اختيار ناهي ڪندي پر مخالف ڌر جون پارٽيون اليڪشن کان راه فرار اختيار ڪري رهيون آهن، مخالف ڌر جون پارٽيون اليڪشن ۽ عوام کان ڇو ڀڄي رهيون آهن؟ چو??ري فواد حسين چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب اسان اڳتي وڌنداسين پر جيڪڏهن سپريم ڪورٽ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان مزاحمت ڪنداسين. هن چيو ته اسان خط جا تفصيل عوام ??ي سامهون نه رکيا پر ان تي اسان پارلياماني سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ۽ مخالف ڌر اڳواڻن کي ان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني پر هنن شرڪت نه ڪئي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ نٿا چاهيون، ان تي جيتري گهٽ ڳالهه ٿئي اها بهتر آهي، چو??ري فواد حسين چيو ته شهباز ش??يف اڄ چئي رهيو آهي ته هو نگران سيٽ اپ لاءِ پراسيس جو حصو نه بڻجندو، نگران سيٽ اپ لاءِ صدر پاران لکيل خط تي اس??ن ٻه نالا موڪلي ڇڏيا آهن، شهباز ش??يف جيڪڏهن وزيراعظم جي لاءِ نالا ڏي ٿو ته ان مان هڪ نالو فائنل ٿي ويندو، شهباز ش??يف مشاورت جو حصو نه بڻيو ته اها ان جي پنهنجي مرضي آهي، هن چيو ته سڄو ملڪ اليڪشن لاءِ تيار آهي، 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻي آهي.